وزيراعظم جي قازقستان جي صدر پاران سيڪا ۾ شريڪ ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

image

آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قازقستان جي صدر قاسم زورمات توڪائيف پاران سيڪا ۾ شريڪ ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا پاران جاري بيان موجب آجياڻي ۾ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ وزيراعظم ۽ قزاقستان جي صدر سان گڏ آجياڻي ۾ شريڪ ٿيا. آجياڻي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف قازقستان پاران ثقافتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ سيڪا 2022ع ۾ شريڪ وفدن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي تازو ئي ٻنهي اڳواڻن سان ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پڻ تفصيلي ملاقات ٿي هئي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں