طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادايئگين کي بهتر بڻائن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو تمام وڏو شعبو آهي، ان جي طبي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ نرسز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻارن جي لاءِ وقت به انسانيت جي خدمت تي قربان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ نرسز شاندار خدمتون انجام ڏنيون آهن جيڪي تاريخ جو سنهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي درجابندي ۾ 10 پاڪستاني عورتن جو سرفهرست هجڻ انهن جي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي، پاڪستان جي نرسز کي ڪورونا دوران گهربل طبي سهولتون نه هجڻ جي باوجود مريضن جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. عورت نرسز خاص طور تي معاشرتي نامناسب روين جو شڪار بڻجنديون آهن جنهن جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں