اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽ??ون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿ??ون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏي??و پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخالف ڌر سان يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي ح??اظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي س??ن جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ??ن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اح??ياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي ويزن موجب حڪومت عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ??ن جي لاءِ سخت پابند??ون پڻ لڳا??ون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي ح??الي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو.