اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ريڊيو پ??ڪستان پاران پشتو نغمن جي اي لائبريري جاري ڪرڻ کي ساراهيندي هدايت ڏني آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي سميت ٻي ڪلچر جي ٻولين جي موسيقي کي ڊجيٽلائيزڊ ڪري نئين نسل جي لاءِ محفوظ بڻايو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ان جي ورثي جي قدر ۾ لڪل آهي، پنهنجي وقت جي شاعري ان وقت جي بهترين عڪاس هوندي آهي. هو ريڊيو پ??ڪستان ۾ پشتو گانن جي لاءِ اي لائبريري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطل??عا?? واري سيڪريٽري زاهد پروين، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ عبرين جان ۽ ريڊيو پ??ڪستان جا ٻيا عملدار به تقريب ۾ شريڪ هئا.