اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، آزاد ميڊيا جمهوريت جي فروغ ۽ شهرين جا بنيادي مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جلد بل پارليامينٽ ۾ آندو ويندو، بدقسمتي سان مخ??لف ڌر صحافين جي پگهارن ۽ تحفظ بابت بل رد ڪيو جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي، ڪو به ادارو، سياسي پارٽي يا تنظيم پنهنجو پاڻ کي وقت جي گهرجن سان هم آهنگ نه ڪري سگهي اه?? پٺتي رهجي وڃي ٿي، صحافتي تنظيمون ۽ پريس ڪلبز پنهنجي ميمبرشپ جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائين ته جيئن اهل ماڻهن کي ??ڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هو مقامي هوٽل ۾ فريڊم آف دي پريس اين?? ريزروليشن آف ميڊيا ڪرائسس سيمينار کي ??طاب ڪري رهيو هو.