اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي. نجي بئنڪُون گه??ن جي تعمير لاءِ 380 ارب روپيا قرض ڏينديُون، ماضي جي حڪومتن گه??ن جي اسڪيمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪرپشن جو مرڪز بڻيل رهيو، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڪيس تيزي سان اڪلائڻ لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ويون آهن، قبضا گروپ جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، شه??ن جو پکيڙ روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت بنڊل آءِ لينڊ منصوبي لاءِ اجات نه ڏئي رهي آه??، اڳوڻين حڪومتن آبي ذخيرا نه ٺاهي ملڪ تي ظلم ڪيو، هائوسنگ ۽ ٻين منصوبن جا ثمر جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪا به حڪومت سمورن ماڻهن جي لاءِ گهر تعمير نٿي ڪري سگ??ي ۽ حڪومت جو ڪم صرف آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سهولت ڏيڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خريد ڪري سگ??ن. هن چيو ته پهريون ڀيرو گه??ن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نجي بئنڪ 380 ارب روپيا گه??ن جي تعمير جي لاءِ قرض ڏينديون، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو جي شرح سان قرض ڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ قرض تي حڪومت مدد فراهم ڪندي آه??، ان سلسلي ۾ هڪ لک گهرن تائين 3 لک روپيا في گهر سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 21 لک جو گهر 18 لک روپين ۾ ملي سگ??ي ٿو ۽ ان طرح مسواڙ جي رقم قسطن ۾ ادائيگي جي صورت ۾ ڏئي سگ??جي ٿي، وزيراعظم چيو ته فور ڪلويئر لا جو معاملو حل ٿيڻ ۾ 2 سال جو عرصو لڳي ويو آهي، حڪومتي قدمن سان تعيمراتي شهبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ ماضي ۾ ڪرپشن جو مرڪز هو، هتي سڀ ڪجهه ٿيندو هو پر مزدورن کي ڪجهه نه ملندو هو. 25 سال پراڻي اسڪيم موجوده حڪومت بحال ڪئي آهي ۽ اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي گه??ن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آه??، ان تي سيد ذوالفقار عباس بخاري ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پوري ٽي?? کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.