اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، ج??هوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد ??و تحفظ اسان سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ تمام ??ڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ??ي عهديدارن سان ورچوئل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.