اسل??م آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو سفا??تي طور تي هڪٻئي جي ويجهو آهن پر اسان جا لاڳاپا سياسي ۽ معاشي رخن کان تمام گهڻا اڳتي آهن، 1950ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان اسان جي لاڳاپن جو آغاز ٿيو هو، 1966ع ۾ اهي اسٽ??يٽ??ڪ لاڳاپن ۾ تبديل ٿيا جڏهن ته 1972ع ۾ معاشي لاڳاپن ?? بدليا، هاڻي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو انتهائي جامع فريم ورڪ موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي سفا??تي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪٻئي سان محبت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن تي فخر آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن.