اسلام ??باد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي ??ڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي ??اءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي ??روغ ۽ غلط معلومات جي ??کيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي ??عيار کي بهتر بڻائ?? اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي ??راهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي ??کيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.