اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ تي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ??ري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عم??ان خان وڻڪاري مهم جي پاڻ قيادت ??ري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ??ري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آهي، عالمي ادارا به وزيراعظم عم??ان خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ??ري رهيا آهن.