اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاه محمود قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وز??راعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. شاه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو مقصد افغانستان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مق??د حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙڻ آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وز??ر علائقائي سطح تي افغانستان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وز??رن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.