اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ سومر ڏينهن شام 4 ??ڳي ٿيندو. پارليامينٽ جي ان گڏيل اجلاس کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ??سد قيصر ڪندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي پڻ ڪئي ??ئي. اڳ ۾ اهو اجلاس صبح 11 ??ڳي ٿيڻو هو جڏهن ته صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي آئين جي آرٽيڪل 54 ۽ 56 ۾ ڏنل اختيارن تحت ڪئي آهي. صدر جي خطاب سان موجوده قومي اسيمبلي جو چوٿون پارلياماني سال شروع ٿي ويندو. ان اجلاس جي حوالي سان خاص انتظام ڪيا ويا آهن.