اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فو??گيون ٿيون جنهن مان 24 فو??گيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 988 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 47 سيڪڙو، ??اهور ۾ 59 سيڪڙو، ??لتان 76 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 61 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان گجرات ۾ 63، صوابي ۾ 60 سيڪڙو، ??لتان ۾ 66 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 78 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 158 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 497، پنجاب ۾ 19 هزار 38، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 52، اسلام آباد ۾ 4 هزار 103، بلوچستان ۾ 930، گلگت بلتستان ۾ 489 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 49 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 90 هزار 176 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ??و به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 558 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 90 هزار 545 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 7 هزار 508 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 379، بلوچستان ۾ 32 هزار 591، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 168، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 863، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 68 هزار 748، پنجاب ۾ 4 لک 14 هزار 390 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 45 هزار 369 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو انگ 26 هزار 767 ٿي چڪو آ??ي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 159 فو??گيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 225 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 270 فو??گيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 889 فو??گيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا. بلوچستان ۾ ڪل 342 فو??گيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 181 فو??گيون ٿيون, جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 721 فو??گيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض ان وائرس سبب فو?? ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 85 لک 21 هزار 728 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هزار 425 مريض علاج هيٺ آهن.