اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته چي?? پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) پاڪستان جي معاشي ۽ سما??ي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ مواصلات جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويو، هاڻي صنعت کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي، مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن منصوبي سان لائن لاسز کي چار سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪا پهرين 17 سيڪڙو جي ويجهو هئي. هڪ سيڪڙو لائين لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي جيڪو بجلي جي صارفين کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي، سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو اهم منصوبو آهي، ان تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
وزيراعظم عمران خان مٽياري کان لاهور 660 ڪي وي ٽرانسميشن لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته 886 ڪلوميٽري ڊگهي منصوبي جي سڀ کان وڏي خوبي ان جي جدت آهي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي سان بجلي جي ٽرانسميشن جا لائن لاسز 4 سيڪڙو جي ويجهو آهن جڏهن ته ان کان اڳ ملڪ ۾ لائن لاسز جي شرح 17 سيڪ??و آهي، هن چي?? ته هڪ سيڪڙو لائن لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي ۽ لائن لاسز وڌڻ سان سڌو سنئون عوام متاثر ٿيندي آهي ڇو ته اهو لائن لاسز عوام کي برداشت ڪرڻا پوندا آهن.
وزيراعظم چي?? ته منصوبي سان بجلي جي پهچ جا نقصان گهٽ ٿيندا ۽ اهو منصوبو تمام جلد پنهنجي قيمت پوري ڪري وٺندو، وزيراعظم عمران خان چي?? ته سي پيڪ چي?? جي صدر جو هڪ فليگ شپ پروگرام آهي جنهن تي پاڪستان ۾ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته ڪورونا وبا جي ڪري ڪجهه مسئلا درپيش هئا پر هاڻي سي پيڪ منصوبا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ تحت پهرين بجلي جي پيداوار، پوءِ رستن ??ي تعمير ۽ هاڻي بجلي جي ٽرانسميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چي?? ته لائن لاسز جي ڪري بجلي موجود هجڻ جي باوجود صارفين تائين سپلائي ۾ مشڪل آهي جيڪو تڪليف جو سبب آهي جنهن جو سبب ٽرانسميشن جا مسئلا آهن. وزيراعظم چي?? ته مٽياري کان لاهور 4 هزار ميگاواٽ بجلي جي پهچ جو اهو منصوبو لائن لاسز ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو،
هن چي?? ته سي پيڪ پاور جنريشن ۽ رستن ??ي تعمير کانپوءِ هاڻي ٽرانسميشن جي مرحلي تائين پهچي چڪو آهي جنهن کانپوءِ صنعتڪاري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن قومي دولت ۾ اضافي سان ملڪي قرض واپس ڪري سگهجن. هن چي?? ته صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پنهنجي آمدني وڌائي ملڪ جا قرض گهٽ ڪنداسين.
وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سي پيڪ منصوبن جي رفتار هاڻي وڌيڪ تيز ٿيندي، ڪورونا وائرس جي وبا سان جيڪي مسئلا درپيش هئا سان جي لاءِ امتحان هئا، هن چي?? ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي سپلائي چي?? جو نظام متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ غذائي مصنوعات جون قيمتون وڌيون آهن جي عارضي آهن. وزيراعظم چي?? ته ويڪسين جي ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو پيو وڃي جنهن سان ان جو خوف به گهٽ ٿي رهيو آهي، هن چي?? ته سي پيڪ جي منصوبن تي ??م تيزي ٿيندو ۽ مهانگائي جا عارضي مسئلا به ختم ٿيندا.