اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته مخالف ڌر جو دڪان اڳ ۾ به نه هليو، ها??ي به نه هلندو، مخالف ڌر جي ڪا سياسي سوچ نه آه??، صبح کان رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان اهي اقتدار ۾ نه ٿا اچي سگهن، مخالف ڌر اليڪٽورل ريفارمز ۽ نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اسان سان گڏ ويهي، اسان ڳالهين لاءِ تيار آه??ون، جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آه?? ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي، مولانا فضل الرحمان کي مشورو آه?? ته هو ها??ي ماڻهن جي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آه??، ها??ي ان جي اهميت ناهي رهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آه??، معاملا حل ٿي چڪا آه??، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آه??، هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه هلائي سگهجي، هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيلي گرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خطاطي جو فن بنيادي طور تي اسلام ۽ مسلمانن سان ڳنڍيل آه??، قرآن پاڪ کي خطاطن لکيو، مسلمان تاريخ ۾ خوبصورت ڪيلي گرافي موجود آه?? جنهن جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته حڪومت هن عشره کي رحمت للعالمين ﷺ جي نالي سان منسوب ڪري چڪي آه??، وزيراعظم سڀاڻي هڪ وڏي ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. هن چيو ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ اهڙي قسم جون نمائشون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آه??، سڀ معاملا حل ٿي چڪا آه??، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آه??، ڪمند جي بمپر فصل جي اميد آه?? جنهن سان کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيو، ها??ي سنڌ حڪومت به ڪڻڪ ريليز ڪري ڇڏي آه?? جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ به اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آه??، اسان ڪنهن ا??ڳ دنيا ۾ نه ٿا رهون، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن اتي تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ڪجهه سياسي شعبده باز ڳالهيون ته ڪن ٿا پر مسئلي جو حل سامهون نه ٿا آڻين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ربيع الاول جي مهيني جي مناسبت سان سيرت النبي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ڪرائڻ چاهي ته مخالف ڌر ان سيشن جو ئي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هن يچو ته هي جمهوريت پسند ماڻهو نه آه??، رڳو ڊيل جي ڳولا ۾ آه?? ۽ ها??ي احتجاج جو بهانو ڳولين پيا. هن چيو ته مخالف ڌر کي جڏهن خبر پوي ته فوج ۽ حڪومت ۾ اختلاف ٿي ويو آه?? ته هي سي وي کڻي بيهي رهن ٿا ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ڊيل ناهي ٿي ته پوءِ هي فوج جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته انهن جي ڪا سياسي سوچ نه آه??، صبح کان وٺي رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان هي اقتدار آ۾ نه ٿا اچي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر پنهنجي پاليسين تي ٻيهر غور ڪري، اليڪٽورل ريفارمز، نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اچي، اسان سان ڳالهيون ڪري، اسان ڳالهين لاءِ تيار آه??ون پر جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آه?? ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي دڪان اڳ ۾ به نه هلي ها??ي به نه هلندي، فيصل آباد جلسي ۾ جي يو آءِ مدرسي جي شاگردن کي وٺي آئي، انهن (ن) ليگ جا جهنڊا پڪڙيا جنهن تي انهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي مشورو آه?? ته هو ها??ي ماڻهن کي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آه??، ها??ي ان جي اهميت ناهي رهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلائي سگهجي. سبسڊي عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ڏني وڃي ٿي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي هوندي آه??. هن چيو ته هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي گڏجي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آه??، پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ميڊيا مالڪ به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.