اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ??لڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ ت??ديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ ت??ديلي جو اصل محرڪ ه??ند?? آهن، اسان انهن جي توانائين کي ??نهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊ??ر ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊ??ر وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪ??م شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي ??يستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.