اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، و??ير??عظم ۽ وزيرن کان جڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته هيٺ تائين هلي وڃي ٿي، ڪرپشن سان قومن جي اخلاقيات تباهه ٿي وڃي ٿي، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ان جي طاقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، وڏو انسان اهو هو??دو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، انصاف نه ڪندڙ قومون مٽجي ??ين??يون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي رياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو، اسان کي اسلامي اڪابرين جي زندگي جي مطالعي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته نوان آفيسر ملڪ کي عظيم بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊمنسٽريٽو سروس جي 44 هين خصوصي تربيتي پروگرام جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي مختلف حوالن سان آزمائي??دو آهي، انسان جو اصل امتحان تڏهن ٿي??دو آهي جڏهن ان تي ڪا آزمائش اچي ٿي، سول سروس جي شروعات ڪندڙن جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿيو آهي، آزمائش ۾ ئي خبر پوندي آهي ته ايمان ڪيترو مضبوط آهي، مستقبل هاڻي توهان جي آڏو آهي، هاڻي توهان کي موقعو مليو آهي، ڏسڻو آهي ته توهان ڪيترا وڏا انسان بڻجو ٿا، وڏو انسان اهو ئي هو??دو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، ايمان سڀ کان وڏي قوت آهي، الله تعاليٰ جي ذات تي ايمان انسان کي آزاد بڻايو، نوجوانن کي اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ته حضور اڪرم ﷺ جي وص??ل کانپوءِ 20 سالن جي اندر مسلمانن پوري دنيا کي فتح ڪيو ۽ اهو ايمان جي قوت جي ڪري ئي ممڪن ٿيو، اقبال جيڪو شاهين جو تصور ڏنو آهي ان مان به اها ئي مراد آهي ته شاهين دنيا جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ ان جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي بيهي. و??ير??عظم چيو ته انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ٻن رستن مان هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي، هڪ رستو ڪاميابي ۽ ٻيو رستو تباهي جو هو??دو آهي، هڪ رستو بظاهر مشڪل لڳ??دو آهي پر اهو ئي ڪاميابي طرف وٺي ??ين??و آهي جڏهن ته ٻيو رستو مختصر ۽ شارٽ ڪٽ جو رستو هو??دو آهي، انهن ٻنهي رستن مان هڪ رستي جي چونڊ ئي انسان کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ اختيار ڪرڻو پو??دو آهي، حضور اڪرم ﷺ اسان کي ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو ۽ انهن کي جيڪا عظمت ملي آهي اها نه اڳ ۾ ڪنهن جي حصي ۾ آئي آهي ۽ نه ئي ايندي. و??ير??عظم چيو ته ڪرڪيٽ جي اسان جي دور ۾ ڏکڻ آفريقا تي نسلي امتياز جي ڪري پابنديون هيون ۽ اتي کيڏڻ جي لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي ??ين??ي هئي پر انهن جي آڇ قبول ڪرڻ انهن جي پاليسي کي تسليم ڪرڻ جي برابر هو، چين جي اڳوڻي صدر چيئرمين مائو پاڪستانين ۾ الله تعاليٰ جي خوف جي ڪري پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ قرار ڏنو هو ۽ ان جو چوڻ هو ته جيڪا قوم سخت گرميءَ ۾ رمضان ۾ روزي جي حالت ۾ پاڻي نه ٿي پيئي، اها الله جي خوف کان سچ به ڳالهائي سگهي ٿي ۽ اها چوري به نه ڪندي، اها قوم تمام عظيم آهي جنهن کي خدا جو خوف هجي. هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ عظيم ملڪ بڻجي رهيو هيو ۽ پاڪستان جي بيوروڪريسي پنهنجي معيار، لڳاءُ ۽ عزم جي ڪري ان وقت پوري ايشيا ۾ بهترين سمجهي ??ين??ي هئي پر آهستي آهستي اسان جي اخلاقيات هيٺانهين جو شڪار ٿي وئي، اڳ ۾ اخلاقي تنزلي ايندي آهي پوءِ اخلاقي تباهي جو قومون شڪار ٿينديون آهن، سمورن غريب ملڪن ۾ بدعنواني هڪ گڏيل مسئلو آهي ڇو ته اتي اخلاقي قدر ڪمزور هوندا آهن، امير ترين ملڪن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اخلاقي قوت موجود هوندي، جيڪو انسان اخلاقي طور تي ڪمزور هو??دو اهو انصاف به نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو پوءِ اين آر او ڏي ٿو ۽ چورن سان ڊيل ڪري ٿو. و??ير??عظم چيو ته جيڪا قوم انصاف نه ٿي ڪري سگهي اها تباهه ٿي وڃي ٿي، نبي پاڪ ﷺ جو فرمان آهي ته سماجي فرق ڪندڙ قومون تباهه ٿي ??ين??يون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي رياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو. هن چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان هندستان کان امير ملڪ هو پر آهستي آهستي اهو اسان کان اڳتي نڪري ويو، بنگلاديش به ترقي جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو، ماضي ۾ پاڪستان ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، جڏهن اشرافيه جي اخلاقيات هيٺ ڪري ٿي ته پوءِ سڄي ملڪ جي اخلاقيات تنزلي جو شڪار ٿئي ٿي پوءِ رڳو پٽواري ۽ ٿاڻيدار کي ئي ڪرپشن جوا لزام نه ڏيڻ گهرجي، و??ير??عظم ۽ وزيرن کان جڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته اها هيٺ تائين وڃي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ جي خوف کان سچ ۽ حق جي رستي تي بيٺل رهندڙن جو اخلاقي معيار تمام بلند هو??دو آهي، اسان کي اسلامي اڪابرين جي زندگي جي مطالعي جي ضرورت آهي، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ان جي طاقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو، هڪ ايماندار ٿاڻيدار پوري ٿاڻي ۽ هڪ ايماندار ايس پي پوري ضلعي کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، پنهنجي عهدي جو جيڪڏهن صحيح ۽ انصاف سان استعمال ڪيو ??ين??و ته پوءِ مشڪل رستو به آسان ٿي ??ين??و، حق جي راءِ واري زندگي مشڪل ضرور هوندي آهي پر اها ئي انسان جي عظمت جو رستو هوندي آهي. و??ير??عظم آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اميد ڪريون ٿا ته اهي ملڪ کي عظيم بڻائيندا.