اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي عرب جي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتم?? جي حوالي سان ??زيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي لاءِ پاڪستان ??ان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي فوري ريليف جي لاءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آه?? جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيت?? جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان ??زيراعظم انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سط?? تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جا نوان ??وقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ س?? جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان ??ضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.