ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراه?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل ??بل?? سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد س??ن ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اقليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراه?? ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سي ايس ايس جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچست??ن مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ??ن موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.