راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي ص??رتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي ر??يا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچا??ڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.