اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) آزادي ڪشمير ??حريڪ جي حوالي سان مظف??آب??د ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير ??ي گادي واري شهر ۾ يادگار شهداءِ جو افتتاح ڪيو. ڪشمير ??ان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ جي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير ??ي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير ??ي اڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خ??ن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي وزيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير ??هداءِ جا نالا لکيل آهن ۽ شهيدن جي قربانين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، يادگار شهداءِ تحريڪ آزادي ڪشمير ??ي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪشمير ??ي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشميري لوڪ گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدر کي يادگار شهداءِ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. آزادي ڪشمير ??حريڪ جي حوالي سان مظف??آب??د ۾ هڪ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاهيو ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال آزادي جي جدوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق وزيرستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظف??آب??د ڪوهالا روڊ تي آهي.