نوشڪي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايف سي ۽ رينجرز جي ??گهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي ??و اعلان ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر ۽ اعتماد آهي ته دهشتگرد ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن، پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي ??پيٽ ۾ آهي، آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اسا?? جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي ??وري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هج?? جو آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان پگهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون، بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسي?? جو انتشار پکيڙيندڙ عنصرن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو، سي پيڪ جي ??ي مرحلي ۾ صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي ??نتقلي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، بلوچستان اسان جي ترجيح هوندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن نوشڪي ۾ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، بلوچستا?? جو گورنر ۽ وڏو وزير، گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ ٻيا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته دهشتگرد?? جو ڪاميابي سان مقابلو ڪندڙ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان جي بهادر فوج جهڙي طرح دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ڪنهن ملڪ جي ??وج اهڙي طرح جي جنگ نٿي وڙهي سگهي، اسان جي ??وج جهڙي طرح دهشتگردن کان ملڪ کي محفوظ بڻايو ا?? جو مثال نٿو ملي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي ۽ قوم کي اهو اعتماد آهي ته اسان جي خلاف ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم ان موقعي تي ايف سي ۽ رينجرز جي ??گهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي ??و اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي ??پيٽ ۾ آهي، آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اسا?? جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي ??وري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هج?? جو آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان پگهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيون درآمد ڪيون وينديون آهن جنهن جي ??يمتن ۾ بي انتها اضافو ٿي چڪو آهي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي منڊي ۾ تمام گهڻيون وڌي چڪيون آهن جنهن جا اثر هر شيءَ تي پوندا آهن، جيئن جيئن آمدني وڌندي ويندي پگهاردار طبقي جون پگهارون وڌائيداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف وڏن ڪاروباري ادارن رڪارڊ منافعو ڪمايو آهي، صرف ڪجهه ڪمپنين 950 ارب روپي?? جو منافعو ڪمايو آهي آئون انهن سڀني کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته اهي ملازم?? جون پگهارون به وڌائين. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ايترو پئسو خرچ ناهي ڪيو جيترو اسان جي حڪومت ڪيو، چمن، ڪوئيٽا، ڪراچي شاهراهه جي تعمير جي ??ڏي منصوبي جو آغاز اسان ڪيو جنهن لاءِ فنڊز به مختص ڪيا ويا آهن، بلوچستان اهڙو صوبو آهي جتي فاصلا وڌيڪ ۽ آبادي گهٽ آهي، ان جي ??اءِ پنهنجا چئلينجز آهن. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيا، اسان جي حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڇو ته بلوچستان گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي قبائلي ضلعا ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ??يا آهن، جيئن جيئن معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ آمدني ۾ اضافو ٿيندو پوئتي پيل علائقن تي خصوصي ڌيان ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته جڏهن نوشڪي ۾ دهشتگرد?? جو واقعو ٿيو ته آئون چين ۾ هئس، مون فوري فيصلو ڪيو ته واپس وطن ويندي ئي نوشڪي وڃي پيغام ڏيندس ته پوري قوم پنهنجون قربانيون ڏيندڙ جوانن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام ۾ شهيد?? جو خاص رتبو آهي، دليري سان دهشتگردن جي خلاف جنگ ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوان شهيد آهن، وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏينداسين، اسان بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسين ته انتشار پکيڙيندڙن ۽ عوام کي حڪومت ۽ فورسز جي خلاف ڀڙڪائيندڙن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ??ويان اهي قوتون آهن جيڪي پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿيون، ان لاءِ ڪٿان ٻي پاسي کان فنڊنگ ڪئي پئي وڃي، اسان صوبي کي ايتري ترقي ڏيندسي?? جو ٻاهر ويهي دشمن ملڪ جي اندر انتشار پکيڙي رهيا آهن انهن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته سي پي جي ??ي مرحلي سان بلوچستان کي خاص طور تي فائدو ٿيندو، چيني صدر يقين ڏيا??يو ته سي پيڪ جي ??ي مرحلي ۾ ٽيڪنالاجي ??رانسفر، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ انڊسٽريلائيزيشن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.