اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي هايئر ??يج??ڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي شعبي ۾ جدت سان ملڪ ترقي جي منزل طئي ڪندو جڏهن ته قدر جي ??نياد تي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، دنيا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ماڻهن جو وڏو انگ گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيسن کي بطور چانسلر خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ سائنس ۽ ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، يوينورسٽي جي ??يڪٽر پروفيسر محمد تبسم افضل، تعليمي ماهرن، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي ??ربراهن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر يونيورسٽي جي ??هترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي رينڪنگ تي ريڪٽر، استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته اخلاقيات کانسواءِ علم جو ڪو فائدو نه آهي، اسان جي معاشري جي ??وبصورتي ا??ان جا قيمتي قدر آهن، شاگرد ماءُ پيءُ جي ??ربيت جي ڪري هيستائين پهتا آهن، ڪائنات جو علم وسيع آهي، شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسيٽس جو ڳاڻيٽو بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، شاگرد اعليٰ تعليمي ا??ارن ۾ تعليم ڏيارڻ تي والدين جا ٿورا مڃين، ملڪي ترقي جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، زمانو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪميونيڪشن اسڪلز اهميت رکي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 ملين سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ??رورت آهي، وزيراعظم آءِ ٽي تان ٽيڪس ختم ڪيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ورچوئل يونيورسٽي 22 لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏنا اهن، ضروري آهي ته هيومن ريسورس جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته هن چيو ته فيصلاسازي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ خال کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي ??يڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد تبسم افضل ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مجموعي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان اڳ يونيورسٽي جي چانسلر صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ڪانووڪيشن هال ۾ داخل ٿيو جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ يونيورسٽي جي ا??تادن بيهي سندس شاندار آجيان ڪئي. صدر نمايان پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل ۽ ڊگريون پڻ ورهايون.