اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان معيشت، واپار، سائنس، ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سيڪيورٽي، دفاع ۽ علائقائي ت??اون جي ت??قي سميت مختلف شعبن ۾ تذويراتي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان اسلامي ت??اون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ۽ ان ڏس ۾ جنرل اسيمبلي ۾ تعاون، افغانس??ان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته غيرملڪي بئنڪن ۾ افغان ذخيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي زور ڏنو، ٻنهي مل??ن سمورن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪس??ان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور ۽ واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سلامتي، دفاع ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون تي خصوصي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻا تاريخي، مذهبي، ثقافتي ۽ سائنسي لاڳاپن ۽ اڳ کان طئي ٿيل معاهدن جي بنياد تي سمورن شعبن ۾ تزويراتي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ تزويراتي حصيداري جي معاهدي جو فيصلو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، اسلامي ت??اون تنظيم، شنگهائي ت??اون تنظيم ۽ اقتصادي ت??اون تنظيم جي فريم ورڪ جي اندر رهندي عالمي فورمن تي رابطن کي تيز ڪرڻ سميت عالمي ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل موقف رکندڙ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي عالمي ۽ علائقائي فورمن تي گڏيل تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ازبڪس??ان جي صدر کي 2022ع ۾ شنگهائي ت??اون تنظيم ۽ اقتصادي ت??اون تنظيم جي سربراهي تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي فورمن ۾ ازبڪس??ان جي لاءِ پاڪس??ان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 2022ع جي وچ ۾ شنگهائي ت??اون تنطيم جي سربراهي اجلاس جو ??نع??اد شامل آهي. ازبڪس??ان جي صدر شنگهائي ت??اون تنظيم ۾ ازبڪس??ان جي سربراهي دوران غربت جي خاتمي جي طريقيڪار جوڙڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي قدمن تي ت??اون جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ٻطرفا سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه جي آجيان ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان سنگ ميل کي مناسب طريقي سان ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. ازبڪ صدر ان موقعي تي نئين ازبڪس??ان جي حڪمت عملي تي پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته سڌاراجاتي عمل جو مقصد ازبڪس??ان ۽ پوري خطي جي ماڻهن جا سماجي ۽ اقتصادي مفاد آهن، ان حڪمت عملي ۾ اقتصادي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا خاص طور تي پاڪس??ان سان موجوده لاڳاپن کي ت??ويراتي حصيداري جي نئين سطح تي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، سماجي ۽ اقتصادي ميدان ۾ پاڪس??ان حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان سماجي انصاف ۽ معاشي ت??فظ تي ٻڌل نئون پاڪس??ان جي پنهنجي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان جو بنيادي زور جاگرافيائي سياست کان جيو اڪنامڪس طرف منتقل ٿي ويو آهي. وزيراعظم غربت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام جا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته پاڪس??ان جو قومي صحت ڪارڊ پروگرام شهرين جي لاءِ ميڊيڪل مائيڪرو انشورنس جي شعبي ۾ پهريون قدم آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پاڪس??ان جي وچ ايشيا ويزن جي 5 اهم ٿنڀن جي اندر ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع ۽ عوا??ي سطح تي لاڳاپن سان گڏوگڏ اداراجاتي ت??اون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ڪسٽمز، فوجي ت??ليم، ثقافت ۽ سياحت سان گڏوگڏ ويزا جي سهولت جي شعبن ۾ مثبت معاهدن جو گرمجوشي سان ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، پاڪس??ان جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ جمهوريه ازبڪس??ان جي اولي مجلس جي قانونساز ۽ چيمبر ۽ سينيٽ جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي بين الپارلياماني گروپس جي مٽاسٽا ۽ ملاقاتن تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران نوٽيس ۾ آيو ته گذريل 5 سالن دوران ٻطرفي واپار ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو ۽ وبائي مرض ڪورونا جي باوجود گذريل سال ان ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن ازبڪس??ان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ ترجيحي معاهدي تي صحيحن ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي نفاذ جي آجيان ڪئي. اهي معاهدا ٻطرفن واپاري لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات جي علامت آهن ۽ گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني ت??اون تي ازبڪ – پاڪ بين الحڪومتي ڪميشن جي ستين اجلاس، ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٻئي دور، گڏيل بزنس فورم ۽ 28 فيبروري تي ٿيندڙ بزنس ڪائونسل جي چوٿين اجلاس جي آجيان ڪئي. هنن ٽيڪسٽائيل، فارماسيوٽيڪل، تعميراتي مواد، بئنڪنگ ۽ فنانس، ڪيميڪل انڊسٽري ۽ ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي آجيان ڪئي. بنهي اڳواڻن رابطي جي ايجنڊا ۽ اقتصادي ت??اون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هنن متفقه ڪنيڪٽويٽي ڪوريڊور جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ، توانائي جي پائيپ لائينز ۽ خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي آڇ جي ذريعي واپاري رابطن جي توسيع کي ٻنهي مل??ن ۽ خطي جو مفاد قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي مستقبل جي لاءِ ترمذ، مزار شريف، ڪابل، پشاور ريلوي منصوبي جي اهم ڪردار جي توثيق ڪئي جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ ۽ ٻنهي طرفن تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن تسليم ڪيو ته ٽرانس افغان ريلوي منصوبو وچ ايشيا کي پاڪس??ان جي ڪراچي، گوادر ۽ قاسم بندرگاهن سان ڳنڍيندڙ سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ۽ مختصر ترين رستو آهي. ٻنهي اڳواڻن هوائي، ريل ۽ رستي رابطي جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. سلامتي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي ت??اون جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻنهي مل??ن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ڳالهين ۽ تعميري ت??اون کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ عملي جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فوجي مشقون، تربيت ۽ پيشيواراڻي ماڻهن جي مٽاسٽا شامل آهي. هنن سيڪيورٽي تي ازبڪس??ان پاڪس??ان گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي جنهن جو پهريون اجلاس 2 نومبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم عمران خان ۽ صدر شوڪت مرزايوف گڏيل ثقافتي ورثي ۽ صديون پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو احاطو ڪيو ۽ بنهي مل??ن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ان سلسلي ۾ هنن اسلام آباد ۾ ظهيرالدين محمد بابر جي زندگي تي پهريون گڏيل سيمينار منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ثقافتي ۽ ميڊيا منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ پاڪستاني سيريلز جو ازبڪ زبان ۾ ترجمو ۽ بابر تي گڏيل پروڊڪشن شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي مل??ن جي ناليوارن تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. اڳواڻن سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي ت??قي کي ساراهيو ۽ مذهبي زياراتي سياحت جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ سياحت ۽ ڪاروباري رابطن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ”تاشقند – لاهور“ ۽ ”اسلام آباد – تاشقند“ جي روٽس تي باقاعده اڏامون شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. قائدين اسلامو فوبيا جي مسلسل رجحان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسلامي ت??اون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ڪندي ڌرين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو. ازبڪس??ان 2025 – 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پاڪس??ان جي بطور اميدوار پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانسان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي جيڪو علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندو. افغانس??ان کي اقتصادي امداد جي اهميت ۽ افغان غيرملڪي بئنڪن جي ذخيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ازبڪس??ان جي اسلامي ت??اون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان ازبڪ صدر کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ت??زي صورتحال بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ هن وقت ڳڻتي ۽ اهم مسئلا شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن سمورن پراڻن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ذاتي طور تي ۽ ازبڪ وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ انهن جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران خان کي مناسب وقت تي ازبڪس??ان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.