اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. پارليامينٽ هائوس ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ 47 هين اجلاس جي چيئر نائجيريا جي پ??ڏيهي وزير حسومي مسعودو پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي کي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ حوالي ڪئي. وزيراعظم عمران خان، اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جن??ل حسين براهيم طحه، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن سعود السعود ۽ چين جو اسٽيٽ قونصلر ۽ پ??ڏيهي وزير وانگ يي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نائجير جي پ??ڏيهي وزير هاسومي مسعودي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن، ڪاميابين ۽ قدمن تي روشني وڌي.