دبئي – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ خليفه بن زيد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ صدارتي محل پهچي ويو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف لن??ن مان واپسي تي گذريل رات گڏيل عرب امارات پهتو هو، وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي نئين چونڊيل صدر شي?? محمد بن زيد ??لنهيان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو.