اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريج??ل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻط??في سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏ??ل واپا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي ۽ پرڏيهي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻط??فا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏ??ل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.