اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? اتر وزيرسان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ص??ر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اهڙا بزد??اڻ?? حملا ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪ??دي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.