اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ري??وي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چيني منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ري??وي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي و??ير?? و??ير??عظم جو ڪراچي سرڪلر ري??وي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. و??ير??عظم سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي و??ير??عظم چيو ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان ري?? جي ذريعي رابطا پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ري?? جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ري??وي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سرڪلر ري??وي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي رهواسين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي و??ير??عظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير احسن اقبال، خ??اج?? سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، و??ير??عظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، و??ير??عظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.