اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ??فغ??نستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي ج?? واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چي?? ته ??فغ??ن ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ ج?? واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته ??فغ??ن عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چي?? ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چي?? ته ??فغ??ن عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، ??فغ??ن پرڏيهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.