اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي ??هيد ڪيو، ان ڏينهن ??ي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي شهيدن پوري قوم کي ??هشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي ??ڪست ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بل??د ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ??بر جميل ??طا فرمائي.