اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آ??ي. ??نهنجي هڪ ??وئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آ??ي. ??ن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا ??ي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ??يصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ??ينرن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي حق ڏي?? کان انڪار ??ري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.