اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي ??رب??ندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدالطيف آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ س??ها??و آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدالطيف آفريدي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرما??ي. ??ن کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدالطيف آفريدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.