اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي فارن سروس آفيسرن سڄي دنيا ۾ پا??ست??ن جو موقف بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ماحولياتي تبديلين بابت موقف تي سڄي دنيا پا??ست??ن سان گڏ هئي، جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ست??ن ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي برادري اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مشڪل وقت ۾ دنيا پاران ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين پرڏيهي پا??يس?? جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سروس اڪيڊمي ۾ 42 هين اسپيشلائيزڊ ڊپلوميٽڪ گريجوئيشن ڪورس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز اٿاريو ۽ سڄي دنيا پا??ست??ن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي پرڏيهي پا??يس?? کي ملڪي مفادن موجب ٺاهيون ٿا. اسان کي پرڏيهي پا??يس?? سان گڏوگڏ هر ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي فروغ ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پا??ست??ن ۾ گذريل سال ايندڙ خوفناڪ ٻوڏ کانپوءِ چين ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، جنهن کانپوءِ جنيوا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ست??ن ڪانفرنس جي موقعي تي دنيا اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته پا??ست??ن ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز بلند ڪيو. پرڏيهي پا??يس?? کي ملڪي مفاد موجب ٺاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي لاءِ تقريب ۾ شرڪت اعزاز جو سبب آهي. هن نوجوان س??ار??ڪارن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل فارن سروس اڪيڊمي ۽ ان جي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ڪورس منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته فارن سروس اڪيڊمي عالمي معيار جا س??ار??ڪار تيار ڪيا آهن. فارن سروس اڪيڊمي ۾ پا??ست??ن کانسواءِ دوست ملڪن جي س??ار??ڪارن کي به تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پا??ست??ن ملڪي ۽ عالمي سطح تي مشڪلاتن جي باوجود اڳتي وڌي رهيو آهي. اتحادي حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پا??ست??ن جي نڪرڻ کانسواءِ ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان ماحولياتي تبديلين بابت هدف حاصل ڪرڻ کانسواءِ پا??ست??ن کي جي 77 پلس چائنا گروپ جي سربراهي جو اعزاز به حاصل رهيو. هن چيو ته موجوده حڪومت سڀني عالمي پارٽنرز سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو. جڏهن ته جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ست??ن ڪانفرنس جو انعقاد پا??ست??ن جي ڪامياب پرڏيهي پا??يس?? جو مثال آهي. پرڏيهي وزير فارن سروس اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ٻين شريڪ ٿيندڙن کي جيو پوليٽڪس، يوڪرين تڪرار ۽ دنيا کي هن وقت درپيش مسئلن سان گڏوگڏ اتحادي حڪومت جي ڪاميابي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال خوفناڪ ٻوڏ سان اولهه کان اوڀر تائين دنيا پا??ست??ن سان گڏ بيٺل رهي. آمريڪا ۽ چين به مشڪل وقت ۾ پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو. وچ اوڀر جي ملڪن سميت اسلامي ملڪن ۽ يورپي يونين کانسواءِ آسيان ملڪن به پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو، جيڪا ملڪ جي پرڏيهي پا??يس?? جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان پا??ست??ن جي س??ار??ڪارن پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي جديد ڪميونيڪشن، ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جڏهن ته فارن سروس کي نئين گهرجن سان هم آهنگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڪسپورٽ مارڪيٽ کي ڳولڻ جي به ضرورت آهي. فارن سروس کي انتظامي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتر بڻائڻ وقت جي گهرج آهي. پا??ست??ن جي س??ار??ڪارن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا سان به هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته فارن سروس اڪيڊمي ۾ نوجوان س??ار??ڪارن ج?? تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ سفر ختم ٿيو آهي، جڏهن ته انهن جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته فارن سروس اڪيڊمي اهڙا نوان گريجوئيٽس تيار ڪندي، جيڪي هر لحاظ کان قابل هوندا. تقريب جي پڄاڻي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فارن سروس اڪيڊمي مان ??ار?? ٿيندڙ گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس ۽ ميڊلز ورهايا. ان کان اڳ فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل اڪيڊمي اچڻ تي پرڏيهي وزير ۽ ٻين مهمانن جي آجيان ڪندي انهن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پا??ست??ن جي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ج?? تربيت جي لاءِ هي ادارو اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ نئين گريجوئيٽس جي لاءِ تربيتي پروگرام انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اڄ جي پروگرام ۾ 21 گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اداري کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.