اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف رٽائرڊ جسٽس ملڪ محمد قيوم جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم جسٽس (ر) ملڪ قيوم جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم قانون جي شعبي ?? وڏو نالو رکندو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??ي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ڏي.