وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري

image

اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته علائقي جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان جا حل طلب مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں