اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتن جو عا??مي ڏهاڙو رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ ج?? تجديد ع??م جو ئي نه پر هڪ گهر کي خاندان، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن رشتن سان مهذب سماج بڻائيندڙ عورتن جي ??ربانين، خدمتن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عورتن جي عا??مي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن عورتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر گهر ۾ ٻارڙين سان برابر سلوڪ سان ئي ترقي ٿيندي. عورتن جي عا??مي ڏينهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻارڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي آهي، هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ئي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.