اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي عدالت ايندا آهن، وقت پري نه آهي منهن لڪائي اچڻو پوندو، پوليس جو مٿو ڦاڙڻ، پيٽرول بم اڇلائڻ، جوڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن جو حملو ٿيڻ کانپوءِ تنهنجي زال ڊڄي وئي؟ مريم نواز جي نيب سيل ۾ ڪئميرا ??ڳا??ي پنهنجي موبائيل تي ڏسندو هئين، ان وقت ??رم ۽ حياءَ هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي بيرڪن ۾ رات جو گهڙي آرڊر ڏيندي ??رم آيو هو؟ شهباز ش??يف جي ڌيءَ جي گهر تي نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ??رم آيو؟ فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال ۾ گهلي آڻيندي ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪرائيندي ??رم آيو؟ پنڪي باجي کي هيري جون منڊيون وٺندي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون نڪتيون هيون؟