وزيراعظم پاران انصاف جو ٻٽو معيار رد، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي عملداري ٿيندي ڀلي ان جي لاءِ جيڪي به نتيجا نڪرن اسان ڀوڳينداسين: شهباز شريف

image

اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انصاف جي ٻٽي معيار کي رد ڪندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن ڪيسن ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ کي منهن ڏنو پر عمران خان کي رعايتون ڏنيون پيون وڃن، اهو انصاف جو ٻٽو معيار آهي، عدالتن ۾ عوام جا هزارين ڪيسز التوا جو شڪار آهن جڏهن ته ڪجهه سياسي شخصيتن کي ترجيحي بنيادن تي ضمانت ڏئي نوازيو پيو وڃي، 9 مئي جو ڏينهن ڍاڪا سانحي وانگر پاڪستان جي تاريخ جو المناڪ ترين ڏينهن آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي عملداري ٿيندي ڀلي ان جي لاءِ جيڪي به نتيجا نڪرن اسان ڀوڳينداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ ملڪ مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون هجن، عالمي ٻاڙائي جي ڪري مهانگائي جو طوفان هجي، آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت جو معاهدو ٽوڙڻ کانپوءِ شرطون پوريون ڪرڻيون هجن، انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. اڳوڻي حڪومت جيڪو ڪڌو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو اڄ هڪ تمام وڏو سواليه نشان آهي. جڏهن موجوده حڪومت آئيني طريقي سان قائم ٿي ته عمران نيازي چيو ته اها آمريڪا سازش ڪري ٺهي آهي. عمران نيازي ۽ ان جا حواري عوام کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا. جنهن کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿيا ۽ ان جي پڌرنامي ۾ اهو واضح ڪيو ويو ته ڪا سازش نه ٿي هئي. اسان سڀني گڏجي ان نقصان جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو عمران نيازي جي ڪوڙي پروپئگنڊه جي ڪري ملڪ کي ٿيو ۽ پوءِ انهي عمران نيازي اهو بيان ڏنو ته آمريڪا ڪا سازش نه ڪئي هئي. هو آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بگاڙڻ جي لاءِ آخري حد تائين وٺي ويو هو. جڏهن آءِ ايم ايف سان اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ان وقت خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ناڻي وارن وزيرن کي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي روڪرائڻ جي لاءِ خط لکيا ويا ته جيئن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ۽ پاڪستان ڪنگال ٿي وڃي. عمران نيازي ڪيترائي ڀيرا سريلنڪا جي حالتن سان تشبيهه ڏني. هُن چاهيو ٿي ته ملڪ مالي بحران جو شڪار ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي کي ڌانڌلي جي ذريعي جهڙي طريقي سان وزيراعظم بڻايو ويو اها ڪهاڻي پوري قوم جي سامهون آهي. ان تي 2018ع کان اڳ ئي ڪم شروع ٿي چڪو هو. عمران نيازي جي پوري طرح رهنمائي ڪئي پئي وئي ته فلاڻي تي ڪوڙو الزام ۽ تهمت لڳائڻي آهي ته جيئن ماڻهن کي اهو يقين اچي وڃي ته هو فرشتو ۽ باقي سياسي قيادت صحيح نه آهي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پاران پکيڙيل اهو زهر هاڻي تعليمي ادارن، ڪارخانن، مدرسن سميت زندگي جي هر طبقي ۾ گهر ڪري چڪو آهي. هو ڏينهن رات چور ڌاڙيل جو راڳ آلاپيندو رهيو. جڏهن هو پنهنجي انتقام جي باهه اُجهائڻ جي لاءِ مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ موڪلي رهيو هو ته ان وقت ڪنهن عدالت ان جو نوٽيس نه ورتو. عمران نيازي جي خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي جيڪي ڪيس ٺاهيا آهن اهي آزاد ادارا آهن. نيب نيازي ڳٺ جوڙ ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي. سيڙپڪارن کي ملڪ مان ڀڄائي ڇڏيو هو. سياسي قيادتن کي جهُڪايو ويو. اڄ جڏهن نيب عمران نيازي تي غبن ۽ ڪرپشن جا حقيقي ڪيس ٺاهيا آهن ته انصاف جي رستي ۾ شيهي جي ديوار بيهاري وئي آهي. عمران نيازي جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نه ٿو ملي. جڏهن اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس ٺهي رهيا هئا ته بلين ٽري ۽ بي آر ٽي جي ڪرپشن تي منع ناما جاري ڪيا ويا ۽ انهن جي جاچ روڪرائي وئي. مالم جبه ڪرپشن ڪيس ۾ نيب ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن صوبائي ادارن بي آر ٽي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي هئي، ان وقت ڪنهن به سڏائي ان کان نه پڇيو. عمران نيازي اپوزيشن کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي ته ان وقت عمران نيازي جي حوارين ايجنڊا ٺاهي ته هو 10 سال فاشسٽ ڊڪٽيٽر هوندو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جو ڏينهن 16 ڊسمبر 1971ع وانگر پاڪستان جي تاريخ جو المناڪ ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڍاڪا سانحو ٿيو ته قائد جو پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو ته ان وقت به هر اک ڳوڙهن هاري هئي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ماڻهن پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچايو ڪنهن فوجي ٺڪاڻي طرف اک به نه کنئي. اهڙي طرح جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت هڪ آمر حڪومت جو سربراهه هو. انو قت ڀرپور احتجاج ٿيو پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ان وقت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ان کان وڏي حب الوطني، صبر، برداشت ۽ پاڪستانيت جو ثبوت ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ميان نواز شريف کي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏني وئي. نواز شريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز روزانو ٽرائل جي لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا هئا ته جيئن انهن کي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو وڃي. پوءِ پاناما ڊرامو ڪري انهن کي اقامي ۾ سزا ڏني وئي. جڏهن هو اڊيالا جيل ۾ هو ته ڪنهن عدالت چيو ته هو پنهنجي گهرواريءَ جي تدفين ۾ شريڪ ٿئي. جڏهن اسان جي والده جو لاڏاڻو ٿيو تڏهن به ڪنهن تدفين ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني پر ڪالهه چيف جسٽس عمران خان کي عدالت ۾ ڀليڪار چيو. اهو ڪڏهن ٿيو آهي جو جوابدار عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي ته جج چوي ته مون کي توهان کي ڏسي خوشي ٿي. حضرت عمر رضه الله تعاليٰ عنه قاضي کي رڳو ان جي ڪري هٽائي ڇڏيو هو ته جڏهن هو ان جي عدالت ۾ پيش ٿيو ته هو اٿي بيهي رهيو هو. هن چيو ته عمران نيازي جي خلاف 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي. شهزاد اڪبر بند لفافي کي ڪنهن کي کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ ڪابينا جي ميمبرن کان صحيحون ورتيون ويون. ڇا ڪنهن پڇيو ته اهو خُدا نه ڪري ڪشمير جو وڪرو يا حساس ٺڪاڻا ڪنهن کي ڏيڻ جو معاملو ته نه آهي جنهن بنا ڏسڻ جي ڪابينا منظوري ڏني، ڇا ڪنهن ان جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وزيراعظم چيو ته اهو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي ته 60 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام صحيح آهن يا نه، دوست ملڪ جي ولي عهد خانه ڪعبه جي ماڊل وارو جيڪو تحفو ان کي ڏنو هو ان کي به جعلي رسيدن تي وڪرو ڪري ڇڏيو. ان وقت ڪنهن پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ورتو. اهڙي طرح آصف علي زرداري جي ڀيڻ محترمه فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال مان جيل موڪليو ويو تڏهن به ڪنهن ان تي نه پڇيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو ته ان کي ايمبولينس جي سهولت به نه ڏني وئي پر اسان اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪيو پر سان ڪريل حرڪتن کي به برداشت ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران نيازي جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو آهي پر سپريم ڪورٽ ۾ ان کي ڀليڪار چيو ويو. اهو آهي ٻٽو معيار. عام ماڻهن جي ضمانت جا ڪيس 10، 10 سالن کان التوا هيٺ آهن، انهن جي ٻڌڻي نه ٿي ٿئي، هتي هڪ ئي ڏينهن گذريو ۽ عمران نيازي کي گهرائي ورتو. جڏهن اسان ضمانت جي لاءِ درخواست ڏيندا هئاسين ته سال ڏيڍ سال تائين تاريخ نه ملندي هئي. وزيراعظم چيو ته حساس ٺڪاڻن تي جيڪي حملا ٿيا ۽ جيڪي وڳوڙي انهن جي لاءِ اتساهڻ وارو عمران نيازي آهي. اسان جي جوانن ۽ آفيسرن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. انهن جي به بي حرمتي ڪئي وئي. ان کان وڏي دشمني ۽ دردنگي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. دشمن ملڪ کان وڌيڪ ان ڏينهن ڪير خوش هو جيڪو 75 سالن ۾ دشمن نه ڪري سگهيو اهو انهن ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن عمران نيازي هيرا جواهرات وڪرو ڪرڻ ۽ القادر ٽرسٽ ۾ ڪرپشن ڪئي ته ان کي ڇڏيو وڃي، ان جو مطلب آهي ته عمران نيازي ڪرپشن ڪري ته ان کي ڪير ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ۽ ٻين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ رکو. احسن اقبال تي حياتي کسيندڙ حملو ٿيو ته ٻئي ڏينهن ئي نيب گرفتار ڪري ورتو. اڄ صورتحال دل کي ڌوڏيندڙ، ڳنڀير ۽ ڏکويل آهي. عمران خان جيڪڏهن بي ايمان نه هجي ته عدالتن ۾ پيش ٿئي ها ائين هو ٽوپ پائي بچيندو نه رهي ها. جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته پوءِ سڀني چورن ڌاڙيلن کي ئي ڇڏيو وڃي. ان جو مطلب عمران نيازي ۽ ان جي حوارين جي لاءِ اين آر او ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي عملداري قائم ڪئي ويندي. ان جي لاءِ جيڪي به نتيجا نڪرندا اسان ڀوڳينداسين.

مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں