صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪاظم خان کي ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي ڪميٽي فار فري ميڊيا جي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون

image

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاظم خان کي ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي ڪميٽي فار فري ميڊيا جي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اميد آهي ته ڪميٽي ۾ شامل ناليوارا صحافي پنهنجي تجربي ۽ صلاحيت جي بنياد تي صحافت جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. صدر ڪميٽي جي ٻين ميمبرن اياز خان، سردار خان نيازي، عامر محمود، ارشاد احمد عارف ۽ اعجاز الحق کي پڻ مبارڪباد ڏني آهي.

مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں