اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان ??ڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وز??راعظم عمران خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ??الهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي مالياتي مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وز??راعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جا??ي عالمي وبا دوران وز??راعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.