اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پ?? پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر سم??جي رابطن جي ويب سائيٽ تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي هئا، ڪالهه الحمدالله اهو انگ گهٽ ٿي آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، يعني 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چي?? ته سم??رٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي انتظامي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چي?? ته اهم ڳالهه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته صحت به محفوظ هوندي ۽ روزگار به هلندو رهندو، نه ته جيڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.