اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي صارفين جي لاءِ غيرضروري مسئلا پيدا ڪندڙ ۽ بدعنواني ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ج?? هدايت ڪندي چي?? آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا معيشت جي استحڪام جي لاءِ ضروري آهن، انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، اهو ڪنهن به ??ور?? ۾ قبول نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي توانائي جي شعبي ۾ جاري سڌار??جا??ي عمل، ملڪي ضرورتن موجب بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، گئس جي شعبي ۾ سڌارن ۽ توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن جي حل جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چي?? ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ تمام ضروري آهن. هن چي?? ته توانائي جي شعبي ۾ موجود انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ڪنهن به ??ور?? ۾ قبول نه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌار??جا??ي حڪمت عملي تي مقرر ٽائيم لائينز سان عملدرآمد جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو وڃي.