لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ??سپيڪراسد قيصر ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي معاملن سميت ٻين معاملن جي ??اري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت جي ??وشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي ??ستحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.