اسلام آباد ??? 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خ??وصي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فر??هم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فر??هم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊ??ڪٽ?? عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊ??ڪٽ?? عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊ??ڪٽ?? رضا باقر، خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? وقار مسعود، ??ديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.