اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان ج?سپ??/122254.html">و س??ائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پ??سپ??رٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ س??نيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻوله?? ڪئي وئي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مر??م نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مر??م نواز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چيو ته مر??م نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مر??م نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.