ڪوئيٽا – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جو د??رو مدار ان جي هيٺين طبقن جي ترقي ۾ آهي، مديني جي رياست ۾ حڪمرانن محلاتون ناهن ٺاهيون، اسان پوئتي پيل علائقن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، الله تعاليٰ غريبن ۽ انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي عزت ۽ ڪاميابي سان نوازيندو آهي، بلوچستان جي محرومي کي ختم ڪرڻ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خا?? ڪوئيٽا ۾ اين ايڇ اي جي مختلف منصوبن جو سن?? بنيا?? رکيو ۽ افتتاح ڪيو.