اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي لاءِ وسيلا گڏ ڪرڻ شر?? جي ڳالهه نه آهي، تاريخ لکندي ته سنڌ ڦريو پئي ويو ۽ بلاول پريس ڪانفرنس ۾ بانسري وڄائي رهيو هو، شرم ۽ ندامت توهان کي هجڻ گهرجي ??ه پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيون، اڳ ۾ مُڪرجي ويا پوءِ تسليم ڪري ورتو. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو جي ??يان تي ردعمل ۾ چيو ته شرمندگي ج?? ڳالهه اها آهي ته توهان حڪمران هجو پر سنڌ جي ??وام کي ڪتن جي ڪاٽڻ جي ويڪسين به ميسر نه هجي، ٿر ۾ بک وگهي ٻار مرندا رهن ۽ توهان بي حسي ج?? بُت بڻجي ??ماشو ڏسندا رهو.