اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اهم حصو آهي، اوورس??ز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، اوورس??ز پاڪستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪم??شن قدم کڻي، وف??قي ڪابينا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اجلاس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.