اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو ??واهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ?? عالمي معاملن تي مشاورت جو ??لسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صو??تحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دؤري جو ??والو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه طرفه ناتا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. پاڪستان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن سميت اهم علائقائي ?? عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام ل??ءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام ل??ءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صو??تحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد ل??ءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪمي??ن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو ??نتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ ل??ءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39